< السورة السابقة | فهرس السور | السورة التالية >



حدد حجم خط الآيات
()


بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ وَيْلٌۭ لِّلْمُطَفِّفِينَ ۝١

(تور ۽ ماپ ۾) انھن گھٽ ڪري ڏيندڙن لاءِ ويل آھي.

ٱلَّذِينَ إِذَا ٱكْتَالُوا۟ عَلَى ٱلنَّاسِ يَسْتَوْفُونَ ۝٢

جي جڏھن (پاڻ لاءِ) ماڻھن کان مَئي وٺندا آھن ته بلڪل پورو ڪري وٺندا آھن.

وَإِذَا كَالُوهُمْ أَو وَّزَنُوهُمْ يُخْسِرُونَ ۝۳

۽ جڏھن اُنھن کي مَئي ڏيندا آھن يا کين توري ڏيندا آھن (ته) گھٽائي ڏيندا آھن.

أَلَا يَظُنُّ أُو۟لَٰٓئِكَ أَنَّهُم مَّبْعُوثُونَ ۝٤

اھي گمان نه ٿا ڪن ڇا ته کين (ضرور) اُٿاربو.

لِيَوْمٍ عَظِيمٍۢ ۝٥

اُنھيءَ وڏي ڏينھن لاءِ.

يَوْمَ يَقُومُ ٱلنَّاسُ لِرَبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ ۝٦

جنھن ڏينھن ماڻھو جھانن جي پالڻھار اڳيان ٿي بيھندا.

كَلَّآ إِنَّ كِتَٰبَ ٱلْفُجَّارِ لَفِى سِجِّينٍۢ ۝۷

سچ آھي ته بيشڪ بدڪارن جو اعمالنامو سجين ۾ آھي.

وَمَآ أَدْرَىٰكَ مَا سِجِّينٌۭ ۝۸

۽ ڪنھن سمجھايئي ته سجين ڇا آھي؟

كِتَٰبٌۭ مَّرْقُومٌۭ ۝۹

ھڪ لکيل دفتر آھي.

وَيْلٌۭ يَوْمَئِذٍۢ لِّلْمُكَذِّبِينَ ۝١۰

اُن ڏينھن (انھن) ڪوڙ ڀانئيندڙن لاءِ ويل آھي.

ٱلَّذِينَ يُكَذِّبُونَ بِيَوْمِ ٱلدِّينِ ۝١١

جيڪي عملن جي بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا آھن.

وَمَا يُكَذِّبُ بِهِۦٓ إِلَّا كُلُّ مُعْتَدٍ أَثِيمٍ ۝١٢

۽ اُن کي سڀڪنھن حد کان لنگھندڙ گنھگار کانسواءِ (ٻيو) ڪو ڪوڙ نه ڀانئيندو.

إِذَا تُتْلَىٰ عَلَيْهِ ءَايَٰتُنَا قَالَ أَسَٰطِيرُ ٱلْأَوَّلِينَ ۝١۳

جڏھن اسان جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن ته چوندو آھي ته (اھي) اڳين جون آکاڻيون آھن.

كَلَّا ۖ بَلْ ۜ رَانَ عَلَىٰ قُلُوبِهِم مَّا كَانُوا۟ يَكْسِبُونَ ۝١٤

ائين بلڪل نه آھي! بلڪ، جيڪي ڪمائيندا ھوا تنھن جي ڪَٽ سندين دلين تي ڄمي ويئي آھي.

كَلَّآ إِنَّهُمْ عَن رَّبِّهِمْ يَوْمَئِذٍۢ لَّمَحْجُوبُونَ ۝١٥

ائين نه آھي پنھنجي پالڻھار (جي سامھون اچڻ) کان انھي ڏينھن روڪيل ھوندا.

ثُمَّ إِنَّهُمْ لَصَالُوا۟ ٱلْجَحِيمِ ۝١٦

وري بيشڪ اُھي دوزخ ۾ گھڙڻ وارا ھوندا.

ثُمَّ يُقَالُ هَٰذَا ٱلَّذِى كُنتُم بِهِۦ تُكَذِّبُونَ ۝١۷

وري چئبن ته ھي اُھو دوزخ آھي جنھن کي اوھين ڪوڙ ڀانئيندا ھُيؤ.

كَلَّآ إِنَّ كِتَٰبَ ٱلْأَبْرَارِ لَفِى عِلِّيِّينَ ۝١۸

سچ آھي بيشڪ ڀلارن جو اعمالنامو عِلّيِّيۡن ۾ آھي.

وَمَآ أَدْرَىٰكَ مَا عِلِّيُّونَ ۝١۹

۽ ڪنھن سمجھايئي ته عِلِّيّين ڇا آھي؟

كِتَٰبٌۭ مَّرْقُومٌۭ ۝٢۰

ھڪ لکيل دفتر آھي.

يَشْهَدُهُ ٱلْمُقَرَّبُونَ ۝٢١

اُن وٽ (الله جا) مقرب حاضر رھندا آھن.

إِنَّ ٱلْأَبْرَارَ لَفِى نَعِيمٍ ۝٢٢

بيشڪ ڀلارا (بھشت) جي نعمتن ۾ ھوندا.

عَلَى ٱلْأَرَآئِكِ يَنظُرُونَ ۝٢۳

تختن تي ويھي نظارو پيا ڪندا.

تَعْرِفُ فِى وُجُوهِهِمْ نَضْرَةَ ٱلنَّعِيمِ ۝٢٤

(سڀني پاسن کان) سندن منھن مان ئي نعمت جي تازگي پيو معلوم ڪندين.

يُسْقَوْنَ مِن رَّحِيقٍۢ مَّخْتُومٍ ۝٢٥

مھر لڳل صاف شراب مان پيو پياربن.

خِتَٰمُهُۥ مِسْكٌۭ ۚ وَفِى ذَٰلِكَ فَلْيَتَنَافَسِ ٱلْمُتَنَٰفِسُونَ ۝٢٦

جنھن جي مُھر مشڪ (جي) ھوندي، ۽ شوقينن کي جڳائي ته اُنھيءَ ۾ شوق رکن.

وَمِزَاجُهُۥ مِن تَسْنِيمٍ ۝٢۷

اُن جي ملاوت تَسۡنِيم (جي پاڻيءَ) مان ھوندي.

عَيْنًۭا يَشْرَبُ بِهَا ٱلْمُقَرَّبُونَ ۝٢۸

جو ھڪ چشمو آھي جنھن مان الله جا ويجھا (ٻانھا) پيئندا.

إِنَّ ٱلَّذِينَ أَجْرَمُوا۟ كَانُوا۟ مِنَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ يَضْحَكُونَ ۝٢۹

بيشڪ ڏوھاري (دنيا ۾) مؤمنن تي کلندا ھوا.

وَإِذَا مَرُّوا۟ بِهِمْ يَتَغَامَزُونَ ۝۳۰

۽ جڏھن وٽائن لنگھندا ھوا ته مؤمنن تي حقارت ڪري پاڻ ۾ ميڇون ڏيندا ھوا.

وَإِذَا ٱنقَلَبُوٓا۟ إِلَىٰٓ أَهْلِهِمُ ٱنقَلَبُوا۟ فَكِهِينَ ۝۳١

۽ جڏھن پنھنجن گھر وارن ڏانھن موٽندا ھوا (ته) ڏاڍيون خوشيون ڪندا موٽندا ھوا.

وَإِذَا رَأَوْهُمْ قَالُوٓا۟ إِنَّ هَٰٓؤُلَآءِ لَضَآلُّونَ ۝۳٢

۽ جڏھن مؤمنن کي ڏسندا ھوا ته چوندا ھوا ته بيشڪ اُھي گمراھ آھن.

وَمَآ أُرْسِلُوا۟ عَلَيْهِمْ حَٰفِظِينَ ۝۳۳

۽ (حقيقت ڪري) اُھي مؤمنن تي نگھبان ڪري نه موڪليا ويا ھوا.

فَٱلْيَوْمَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ مِنَ ٱلْكُفَّارِ يَضْحَكُونَ ۝۳٤

تنھنڪري اڄ مؤمن ڪافرن تي کِلن ٿا.

عَلَى ٱلْأَرَآئِكِ يَنظُرُونَ ۝۳٥

تختن تي (ويھي) نظارو ڪن ٿا.

هَلْ ثُوِّبَ ٱلْكُفَّارُ مَا كَانُوا۟ يَفْعَلُونَ ۝۳٦

(۽ چون ٿا) ته ڪافرن کي انھيءَ جو بدلو ڏنو ويو آھي ڇا جيڪي اُھي ڪندا ھوا.