< السورة السابقة | فهرس السور | السورة التالية >



حدد حجم خط الآيات
()


بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ إِذَا ٱلسَّمَآءُ ٱنفَطَرَتْ ۝١

جڏھن آسمان ڦاٽندو.

وَإِذَا ٱلْكَوَاكِبُ ٱنتَثَرَتْ ۝٢

۽ جڏھن تارا ڇڻي پوندا.

وَإِذَا ٱلْبِحَارُ فُجِّرَتْ ۝۳

۽ جڏھن سمنڊ تمام جوش سان وھائبا.

وَإِذَا ٱلْقُبُورُ بُعْثِرَتْ ۝٤

۽ جڏھن قبرون پٽبيون.

عَلِمَتْ نَفْسٌۭ مَّا قَدَّمَتْ وَأَخَّرَتْ ۝٥

(تڏھن) سڀڪو شخص اُھو ڄاڻندو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ جيڪي پوئتي ڇڏيو ھوائين.

يَٰٓأَيُّهَا ٱلْإِنسَٰنُ مَا غَرَّكَ بِرَبِّكَ ٱلْكَرِيمِ ۝٦

اي ماڻھو توکي تنھنجي (انھي) سڳوري پالڻھار کان ڪھڙي شيءَ ٺڳيو؟

ٱلَّذِى خَلَقَكَ فَسَوَّىٰكَ فَعَدَلَكَ ۝۷

جنھن توکي پيدا ڪيو پوءِ توکي سنئين لڱين ڪيائين پوءِ توکي برابر ڪيائين.

فِىٓ أَىِّ صُورَةٍۢ مَّا شَآءَ رَكَّبَكَ ۝۸

جھڙي صورت ۾ گھريائين (تھڙيءَ ۾) تنھنجو جوڙ جوڙيائين.

كَلَّا بَلْ تُكَذِّبُونَ بِٱلدِّينِ ۝۹

ائين نه آھي بلڪ اوھين عملن جي جزا ڏيڻ کي ڪوڙ ڀائيندا آھيو.

وَإِنَّ عَلَيْكُمْ لَحَٰفِظِينَ ۝١۰

۽ بيشڪ اوھان تي نگھبان (مقرر ٿيل) آھن.

كِرَامًۭا كَٰتِبِينَ ۝١١

سڳورا لکڻ وارا.

يَعْلَمُونَ مَا تَفْعَلُونَ ۝١٢

جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو ڄاڻندا آھن.

إِنَّ ٱلْأَبْرَارَ لَفِى نَعِيمٍۢ ۝١۳

بيشڪ ڀلارا (بھشت جي) نعمت ۾ ھوندا.

وَإِنَّ ٱلْفُجَّارَ لَفِى جَحِيمٍۢ ۝١٤

۽ بيشڪ گنھگار دوزخ ۾ ھوندا.

يَصْلَوْنَهَا يَوْمَ ٱلدِّينِ ۝١٥

عملن جي بدلي جي ڏينھن دوزخ ۾ داخل ٿيندا.

وَمَا هُمْ عَنْهَا بِغَآئِبِينَ ۝١٦

۽ اُن کان اُھي لڪل نه ھوندا.

وَمَآ أَدْرَىٰكَ مَا يَوْمُ ٱلدِّينِ ۝١۷

۽ ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟

ثُمَّ مَآ أَدْرَىٰكَ مَا يَوْمُ ٱلدِّينِ ۝١۸

وري (به چئون ٿا ته) ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟

يَوْمَ لَا تَمْلِكُ نَفْسٌۭ لِّنَفْسٍۢ شَيْـًۭٔا ۖ وَٱلْأَمْرُ يَوْمَئِذٍۢ لِّلَّهِ ۝١۹

اُھو ھڪ ڏينھن آھي جو ڪو جيءُ ڪنھن جيءَ کي ڪجھ فائدو پھچائي نه سگھندو، ۽ اُن ڏينھن (ساري) حڪومت خاص الله جي ھوندي.