< السورة السابقة | فهرس السور | السورة التالية >



حدد حجم خط الآيات
()


بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ عَبَسَ وَتَوَلَّىٰٓ ۝١

مُنھن ۾ گُھنڊ وڌائين ۽ مُنھن موڙيائين.

أَن جَآءَهُ ٱلْأَعْمَىٰ ۝٢

ھن ڪري جو وٽس نابين آيو.

وَمَا يُدْرِيكَ لَعَلَّهُۥ يَزَّكَّىٰٓ ۝۳

۽ ڪنھن سمجھايئي جيڪر اُھو سڌرجي ھا.

أَوْ يَذَّكَّرُ فَتَنفَعَهُ ٱلذِّكْرَىٰٓ ۝٤

يا نصيحت ٻڌي ھا پوءِ اُھا نصيحت ٻڌڻ نفعو ڏئيس ھا.

أَمَّا مَنِ ٱسْتَغْنَىٰ ۝٥

پر جنھن بي پرواھي ڪئي.

فَأَنتَ لَهُۥ تَصَدَّىٰ ۝٦

پوءِ تنھن (جي سڌاري) لاءِ تون پٺيان پيو آھين.

وَمَا عَلَيْكَ أَلَّا يَزَّكَّىٰ ۝۷

ھن ۾ توتي (ڪا ميار) ڪانھي ته اُھو نه سُڌرجي.

وَأَمَّا مَن جَآءَكَ يَسْعَىٰ ۝۸

۽ جيڪو تو وٽ ڊوڙندو آيو.

وَهُوَ يَخْشَىٰ ۝۹

۽ اُھو (پنھنجي الله کان) ڊڄي ٿو.

فَأَنتَ عَنْهُ تَلَهَّىٰ ۝١۰

پوءِ تنھن کان تون ويسلو ٿئين ٿو.

كَلَّآ إِنَّهَا تَذْكِرَةٌۭ ۝١١

ائين نه آھي بيشڪ اھي (قرآن جون آيتون) ھڪ نصيحت آھي.

فَمَن شَآءَ ذَكَرَهُۥ ۝١٢

پوءِ جيڪو گھُري سو قرآن ياد رکي.

فِى صُحُفٍۢ مُّكَرَّمَةٍۢ ۝١۳

(بيشڪ قرآن جون آيتون) تعظيم وارن ورقن ۾ لکيل آھن.

مَّرْفُوعَةٍۢ مُّطَهَّرَةٍۭ ۝١٤

جي مٿاھان ۽ پاڪ آھن.

بِأَيْدِى سَفَرَةٍۢ ۝١٥

لکندڙن جي ھٿن ۾.

كِرَامٍۭ بَرَرَةٍۢ ۝١٦

جي سڳورا ڀلارا آھن.

قُتِلَ ٱلْإِنسَٰنُ مَآ أَكْفَرَهُۥ ۝١۷

ماڻھو ماريو وڃي جو ڪھڙو نه بي شُڪر آھي.

مِنْ أَىِّ شَىْءٍ خَلَقَهُۥ ۝١۸

(ڌيان ڪري ته الله) ڪھڙي شيءَ مان پيدا ڪيس.

مِن نُّطْفَةٍ خَلَقَهُۥ فَقَدَّرَهُۥ ۝١۹

مني جي ڦڙي مان، خلقيائينس پوءِ اندازو مقرر ڪيائينس.

ثُمَّ ٱلسَّبِيلَ يَسَّرَهُۥ ۝٢۰

وري (نڪرڻ جي) واٽ سنھنجي ڪيائينس.

ثُمَّ أَمَاتَهُۥ فَأَقْبَرَهُۥ ۝٢١

وري ماريائينس پوءِ قبر ۾ رکايائينس.

ثُمَّ إِذَا شَآءَ أَنشَرَهُۥ ۝٢٢

وري جڏھن گھرندو تڏھن اُن کي جيئرو ڪندو.

كَلَّا لَمَّا يَقْضِ مَآ أَمَرَهُۥ ۝٢۳

ائين نه آھي جيڪي فرمايائينس سو پورو نه ڪيائين.

فَلْيَنظُرِ ٱلْإِنسَٰنُ إِلَىٰ طَعَامِهِۦٓ ۝٢٤

پوءِ جڳائي ته ماڻھو پنھنجي کاڌي ڏانھن نھاري ڏسي.

أَنَّا صَبَبْنَا ٱلْمَآءَ صَبًّۭا ۝٢٥

ته اسان پاڻي کي چڱيءَ طرح آسمان کان پلٽيو.

ثُمَّ شَقَقْنَا ٱلْأَرْضَ شَقًّۭا ۝٢٦

وري زمين کي پوري طرح چيريوسون.

فَأَنۢبَتْنَا فِيهَا حَبًّۭا ۝٢۷

پوءِ منجھس اَن ڄمايوسون.

وَعِنَبًۭا وَقَضْبًۭا ۝٢۸

۽ ڊاکون ۽ ترڪاريون.

وَزَيْتُونًۭا وَنَخْلًۭا ۝٢۹

۽ زيتون ۽ کجيون.

وَحَدَآئِقَ غُلْبًۭا ۝۳۰

۽ گھاٽا باغ.

وَفَٰكِهَةًۭ وَأَبًّۭا ۝۳١

۽ ميوو ۽ گاھ (به).

مَّتَٰعًۭا لَّكُمْ وَلِأَنْعَٰمِكُمْ ۝۳٢

اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن لاءِ.

فَإِذَا جَآءَتِ ٱلصَّآخَّةُ ۝۳۳

پوءِ جڏھن ڪَن ٻوڙا ڪندڙ (دھشت واري) ھڪل ايندي.

يَوْمَ يَفِرُّ ٱلْمَرْءُ مِنْ أَخِيهِ ۝۳٤

انھي ڏينھن آدمي پنھنجي ڀاءُ کان ڀڄندو.

وَأُمِّهِۦ وَأَبِيهِ ۝۳٥

۽ (پڻ) پنھنجي ماءُ کان ۽ پنھنجي پيءُ کان.

وَصَٰحِبَتِهِۦ وَبَنِيهِ ۝۳٦

۽ پنھنجي گھر واريءَ کان ۽ پنھنجي پٽن کان ڀڄندو.

لِكُلِّ ٱمْرِئٍۢ مِّنْهُمْ يَوْمَئِذٍۢ شَأْنٌۭ يُغْنِيهِ ۝۳۷

انھن مان سڀڪنھن مڙس لاءِ اُن ڏينھن اھڙي حالت ھوندي جو کيس بس ھوندي.

وُجُوهٌۭ يَوْمَئِذٍۢ مُّسْفِرَةٌۭ ۝۳۸

ڪيترائي منھن اُن ڏينھن روشن ھوندا.

ضَاحِكَةٌۭ مُّسْتَبْشِرَةٌۭ ۝۳۹

کِلندڙ ۽ (تمام) سرھا ھوندا.

وَوُجُوهٌۭ يَوْمَئِذٍ عَلَيْهَا غَبَرَةٌۭ ۝٤۰

۽ ڪيترائي منھن (ھوندا) جن تي اُن ڏينھن رئي پيل ھوندي.

تَرْهَقُهَا قَتَرَةٌ ۝٤١

جن کي ڪارنھن ويڙھي ويندي.

أُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْكَفَرَةُ ٱلْفَجَرَةُ ۝٤٢

اھي ئي مُنڪر بدڪار آھن.