< السورة السابقة | فهرس السور | السورة التالية >



حدد حجم خط الآيات
()


بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ يَٰٓأَيُّهَا ٱلْمُدَّثِّرُ ۝١

اي (پاڻتي) ڪپڙي ويڙھڻ وارا مڙس.

قُمْ فَأَنذِرْ ۝٢

کڙو ٿي پوءِ ڊيڄار.

وَرَبَّكَ فَكَبِّرْ ۝۳

۽ پنھنجي پالڻھار جي وڏائي بيان ڪر.

وَثِيَابَكَ فَطَهِّرْ ۝٤

۽ پنھنجا ڪپڙا پاڪ رک.

وَٱلرُّجْزَ فَٱهْجُرْ ۝٥

۽ پليتي کان پري رھ.

وَلَا تَمْنُن تَسْتَكْثِرُ ۝٦

۽ (اھڙو) احسان نه ڪر جو زيادہ عوض گھرين.

وَلِرَبِّكَ فَٱصْبِرْ ۝۷

۽ پنھنجي پالڻھار (جي حُڪم) لاءِ صبر اختيار ڪر.

فَإِذَا نُقِرَ فِى ٱلنَّاقُورِ ۝۸

پوءِ جڏھن صُور ۾ ڦوڪبو.

فَذَٰلِكَ يَوْمَئِذٍۢ يَوْمٌ عَسِيرٌ ۝۹

تڏھن اُن ڏينھن اوکو وقت ٿيندو.

عَلَى ٱلْكَٰفِرِينَ غَيْرُ يَسِيرٍۢ ۝١۰

ڪافرن تي اڻ سکيو (وقت) ھوندو.

ذَرْنِى وَمَنْ خَلَقْتُ وَحِيدًۭا ۝١١

مون کي ۽ جنھن کي اڪيلو پيدا ڪيم تنھن کي ڇڏي ڏي.

وَجَعَلْتُ لَهُۥ مَالًۭا مَّمْدُودًۭا ۝١٢

۽ اُن کي گھڻو مال ڏنم.

وَبَنِينَ شُهُودًۭا ۝١۳

۽ (مجلسن ۾) حاضر ٿيڻ وارا پُٽ (به ڏنم).

وَمَهَّدتُّ لَهُۥ تَمْهِيدًۭا ۝١٤

۽ ان کي پوري طرح وڌايم.

ثُمَّ يَطْمَعُ أَنْ أَزِيدَ ۝١٥

وري (به) لالچ رکندو آھي ته (کيس) وڌيڪ ڏيان.

كَلَّآ ۖ إِنَّهُۥ كَانَ لِءَايَٰتِنَا عَنِيدًۭا ۝١٦

ائين نه آھي، بيشڪ اُھو اسان جي آيتن سان جھڳڙو ڪندڙ آھي.

سَأُرْهِقُهُۥ صَعُودًا ۝١۷

جلد اُن کي وڏي سختي سان تڪليف ڏيندس.

إِنَّهُۥ فَكَّرَ وَقَدَّرَ ۝١۸

بيشڪ اُن دل ۾ سوچ ڪئي ۽ ٺھراءُ ڪيو.

فَقُتِلَ كَيْفَ قَدَّرَ ۝١۹

پوءِ لعنت ھجيس شال ڪيئن ٺھراء ڪيائين.

ثُمَّ قُتِلَ كَيْفَ قَدَّرَ ۝٢۰

وري به لعنت ھجيس شال ڪيئن ٺھراءُ ڪيائين.

ثُمَّ نَظَرَ ۝٢١

وري (غور ڪري) ڏٺائين.

ثُمَّ عَبَسَ وَبَسَرَ ۝٢٢

وري منھن ۾ شور وڌائين ۽ گھنڊ پاتائين.

ثُمَّ أَدْبَرَ وَٱسْتَكْبَرَ ۝٢۳

وري پٺيرو ٿيو ۽ وڏائي ڪيائين.

فَقَالَ إِنْ هَٰذَآ إِلَّا سِحْرٌۭ يُؤْثَرُ ۝٢٤

پوءِ چيائين ته ھي (قرآن) رڳو جادو آھي جو (جادوگرن کان) ھليو اچي ٿو.

إِنْ هَٰذَآ إِلَّا قَوْلُ ٱلْبَشَرِ ۝٢٥

ھي (قرآن) رڳو ماڻھوءَ جو ڪلام آھي.

سَأُصْلِيهِ سَقَرَ ۝٢٦

جلد اُن کي دوزخ ۾ وجھندس.

وَمَآ أَدْرَىٰكَ مَا سَقَرُ ۝٢۷

۽ توکي ڪھڙي شيءَ ڄاڻايو ته دوزخ ڇا آھي.

لَا تُبْقِى وَلَا تَذَرُ ۝٢۸

اُھو نڪي ڪجھ (گوشت) رھائي ٿو ۽ نڪي (ھڏا) ڇڏي ٿو.

لَوَّاحَةٌۭ لِّلْبَشَرِ ۝٢۹

ماڻھن کي (ساڙي) ڪارو ڪندڙ آھي.

عَلَيْهَا تِسْعَةَ عَشَرَ ۝۳۰

اُن تي اُڻويہ ڄڻا دربان آھن.

وَمَا جَعَلْنَآ أَصْحَٰبَ ٱلنَّارِ إِلَّا مَلَٰٓئِكَةًۭ ۙ وَمَا جَعَلْنَا عِدَّتَهُمْ إِلَّا فِتْنَةًۭ لِّلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لِيَسْتَيْقِنَ ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْكِتَٰبَ وَيَزْدَادَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ إِيمَٰنًۭا ۙ وَلَا يَرْتَابَ ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْكِتَٰبَ وَٱلْمُؤْمِنُونَ ۙ وَلِيَقُولَ ٱلَّذِينَ فِى قُلُوبِهِم مَّرَضٌۭ وَٱلْكَٰفِرُونَ مَاذَآ أَرَادَ ٱللَّهُ بِهَٰذَا مَثَلًۭا ۚ كَذَٰلِكَ يُضِلُّ ٱللَّهُ مَن يَشَآءُ وَيَهْدِى مَن يَشَآءُ ۚ وَمَا يَعْلَمُ جُنُودَ رَبِّكَ إِلَّا هُوَ ۚ وَمَا هِىَ إِلَّا ذِكْرَىٰ لِلْبَشَرِ ۝۳١

۽ دوزخ جا دربان رڳو ملائڪ ڪيا اٿون، ۽ سندن ڳاڻيٽو رڳو ڪافرن لاءِ پرک ڪئي اٿون ته ڪتاب وارا يقين ڪن ۽ ايمان وارا پنھنجي ايمان ۾ وڌن ۽ ڪتاب وارا ۽ مؤمن شڪ ۾ نه پون ۽ ته جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آھي سي ۽ ڪافر چون ته ھن مثال ڏيڻ ۾ الله جو ڇا مطلب آھي، اھڙيءَ طرح الله جنھن کي گھري (تنھن کي) ڀلائيندو آھي ۽ جنھن کي گھري (تنھن کي) ھدايت ڪندو آھي، ۽ تنھنجي پالڻھار جا لشڪر اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪونه ڄاڻندو آھي، ۽ ھيءَ (دوزخ) سڀ ڪنھن ماڻھوءَ لاءِ رڳو نصيحت آھي.

كَلَّا وَٱلْقَمَرِ ۝۳٢

سچ چوان ٿو چنڊ جو قسم آھي.

وَٱلَّيْلِ إِذْ أَدْبَرَ ۝۳۳

۽ رات جو جڏھن پٺ ڦيري.

وَٱلصُّبْحِ إِذَآ أَسْفَرَ ۝۳٤

۽ صبح جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي.

إِنَّهَا لَإِحْدَى ٱلْكُبَرِ ۝۳٥

ته بيشڪ دوزخ ھڪ وڏين شين مان آھي.

نَذِيرًۭا لِّلْبَشَرِ ۝۳٦

(سڀڪنھن) ماڻھو کي ڊيڄاريندڙ آھي.

لِمَن شَآءَ مِنكُمْ أَن يَتَقَدَّمَ أَوْ يَتَأَخَّرَ ۝۳۷

اوھان مان انھي لاءِ جيڪو گھري ته (بھشت) لاءِ اڳي وڌي يا (دوزخ ۾) پٺ تي رھي.

كُلُّ نَفْسٍۭ بِمَا كَسَبَتْ رَهِينَةٌ ۝۳۸

سڀڪو جيءُ پنھنجي ڪئي ۾ ڳه پيل آھي.

إِلَّآ أَصْحَٰبَ ٱلْيَمِينِ ۝۳۹

پر سڄي پاسي وارا (ڇٽل آھن).

فِى جَنَّٰتٍۢ يَتَسَآءَلُونَ ۝٤۰

(بھشت جي) باغن ۾ ھوندا، گڏجي پڇندا.

عَنِ ٱلْمُجْرِمِينَ ۝٤١

ڏوھارين کان.

مَا سَلَكَكُمْ فِى سَقَرَ ۝٤٢

ته اوھان کي دوزخ ۾ ڪھڙي ڳالھ وڌو.

قَالُوا۟ لَمْ نَكُ مِنَ ٱلْمُصَلِّينَ ۝٤۳

چوندا ته نڪي نمازين مان ھواسون.

وَلَمْ نَكُ نُطْعِمُ ٱلْمِسْكِينَ ۝٤٤

۽ نڪي مسڪينن کي کارائيندا ھواسون.

وَكُنَّا نَخُوضُ مَعَ ٱلْخَآئِضِينَ ۝٤٥

۽ بڪواتن سان گڏ بڪوات ڪندا ڪندا ھواسون.

وَكُنَّا نُكَذِّبُ بِيَوْمِ ٱلدِّينِ ۝٤٦

۽ بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا ھواسون.

حَتَّىٰٓ أَتَىٰنَا ٱلْيَقِينُ ۝٤۷

تان جو اسان کي موت پھتو.

فَمَا تَنفَعُهُمْ شَفَٰعَةُ ٱلشَّٰفِعِينَ ۝٤۸

پوءِ کين پارت ڪندڙن جي پارت نفعو نه ڏيندي.

فَمَا لَهُمْ عَنِ ٱلتَّذْكِرَةِ مُعْرِضِينَ ۝٤۹

پوءِ انھن کي ڇا (ٿيو) آھي جو نصيحت کان منھن موڙيندڙ (ٿيا) آھن.

كَأَنَّهُمْ حُمُرٌۭ مُّسْتَنفِرَةٌۭ ۝٥۰

ڄڻ ته اُھي ٽھندڙ گڏھ آھن.

فَرَّتْ مِن قَسْوَرَةٍۭ ۝٥١

جي شينھن کان ڀڳا ھجن.

بَلْ يُرِيدُ كُلُّ ٱمْرِئٍۢ مِّنْهُمْ أَن يُؤْتَىٰ صُحُفًۭا مُّنَشَّرَةًۭ ۝٥٢

بلڪ منجھائن ھر ھڪ مڙس گھرندو آھي ته کيس (آسمان) مان کليل ڪتاب ڏجن.

كَلَّا ۖ بَل لَّا يَخَافُونَ ٱلْءَاخِرَةَ ۝٥۳

ائين نه آھي، بلڪ آخرت کان نه ٿا ڊڄن.

كَلَّآ إِنَّهُۥ تَذْكِرَةٌۭ ۝٥٤

سچ آھي ته بيشڪ قرآن ھڪ نصيحت آھي.

فَمَن شَآءَ ذَكَرَهُۥ ۝٥٥

پوءِ جيڪو گُھري سو اُن کي پڙھي.

وَمَا يَذْكُرُونَ إِلَّآ أَن يَشَآءَ ٱللَّهُ ۚ هُوَ أَهْلُ ٱلتَّقْوَىٰ وَأَهْلُ ٱلْمَغْفِرَةِ ۝٥٦

۽ الله جي گھر کانسواءِ (ان کي) ياد ڪري نه سگھندا آھن، (الله) اُھو آھي جنھن کان ڊڄڻ گھرجي ۽ اھو بخشش جو به مالڪ آھي.