< السورة السابقة | فهرس السور | السورة التالية >



حدد حجم خط الآيات
()


بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ إِذَا وَقَعَتِ ٱلْوَاقِعَةُ ۝١

جڏھن قيامت ايندي.

لَيْسَ لِوَقْعَتِهَا كَاذِبَةٌ ۝٢

جنھنجي اچڻ ۾ ڪو ڪوڙ نه آھي.

خَافِضَةٌۭ رَّافِعَةٌ ۝۳

ڪن کي جھڪي ڪرڻ واري ۽ ڪن کي مٿاھين ڪرڻ واري.

إِذَا رُجَّتِ ٱلْأَرْضُ رَجًّۭا ۝٤

جڏھن زمين سخت ڌوڏبي.

وَبُسَّتِ ٱلْجِبَالُ بَسًّۭا ۝٥

۽ جبل پوري طرح ڀڃي پڻي ڪيا ويندا.

فَكَانَتْ هَبَآءًۭ مُّنۢبَثًّۭا ۝٦

پوءِ اُڏاريل دُز وانگر ٿيندا.

وَكُنتُمْ أَزْوَٰجًۭا ثَلَٰثَةًۭ ۝۷

۽ اوھين تڏھن ٽي ٽوليون ٿيندؤ.

فَأَصْحَٰبُ ٱلْمَيْمَنَةِ مَآ أَصْحَٰبُ ٱلْمَيْمَنَةِ ۝۸

پوءِ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙا ته چڱا ھوندا.

وَأَصْحَٰبُ ٱلْمَشْـَٔمَةِ مَآ أَصْحَٰبُ ٱلْمَشْـَٔمَةِ ۝۹

۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا (ته) بدحال ھوندا؟

وَٱلسَّٰبِقُونَ ٱلسَّٰبِقُونَ ۝١۰

۽ (چڱاين ۾) اڳرائي ڪرڻ وارا اڳي ٿيڻ وارا.

أُو۟لَٰٓئِكَ ٱلْمُقَرَّبُونَ ۝١١

اھي (ئي) مقرب آھن.

فِى جَنَّٰتِ ٱلنَّعِيمِ ۝١٢

نعمتن وارن باغن ۾ ھوندا.

ثُلَّةٌۭ مِّنَ ٱلْأَوَّلِينَ ۝١۳

گھڻا پھرين مان.

وَقَلِيلٌۭ مِّنَ ٱلْءَاخِرِينَ ۝١٤

۽ ٿورا پوين مان.

عَلَىٰ سُرُرٍۢ مَّوْضُونَةٍۢ ۝١٥

(سون سان) اُڻيل تخت تي.

مُّتَّكِـِٔينَ عَلَيْهَا مُتَقَٰبِلِينَ ۝١٦

ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي مٿن ٽيڪ ڏئي ويٺل ھوندا.

يَطُوفُ عَلَيْهِمْ وِلْدَٰنٌۭ مُّخَلَّدُونَ ۝١۷

ھميشه رھڻ وارا نينگر وٽن پيا ايندا ويندا.

بِأَكْوَابٍۢ وَأَبَارِيقَ وَكَأْسٍۢ مِّن مَّعِينٍۢ ۝١۸

آبخورن ۽ ڪوزن سان ۽ وھندڙ شراب مان (ڀريل) پيالا (آڻيندن).

لَّا يُصَدَّعُونَ عَنْهَا وَلَا يُنزِفُونَ ۝١۹

(اھڙو صاف) جنھن کان نڪي مٿي ۾ سور پوندن ۽ نڪي بيھوش ھوندا.

وَفَٰكِهَةٍۢ مِّمَّا يَتَخَيَّرُونَ ۝٢۰

۽ (پڻ ھر جنس جو) ميوو جتان وڻندن.

وَلَحْمِ طَيْرٍۢ مِّمَّا يَشْتَهُونَ ۝٢١

۽ پکين جو گوشت جنھن قسم مان (پيو) گھرين.

وَحُورٌ عِينٌۭ ۝٢٢

۽ وڏين اکين وارون حورون.

كَأَمْثَٰلِ ٱللُّؤْلُؤِ ٱلْمَكْنُونِ ۝٢۳

(ڄڻڪ) ڍڪيل موتين جھڙيون.

جَزَآءًۢ بِمَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ ۝٢٤

جيڪي ڪمايو ھوائون تنھنجي بدلي ۾.

لَا يَسْمَعُونَ فِيهَا لَغْوًۭا وَلَا تَأْثِيمًا ۝٢٥

اتي نڪا اجائي بَڪ نڪا گناھ جھڙي ڳالھ ٻڌندا.

إِلَّا قِيلًۭا سَلَٰمًۭا سَلَٰمًۭا ۝٢٦

پر ھر ڪو سلام سلام پيو چوندو.

وَأَصْحَٰبُ ٱلْيَمِينِ مَآ أَصْحَٰبُ ٱلْيَمِينِ ۝٢۷

۽ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙي حال ھوندا.

فِى سِدْرٍۢ مَّخْضُودٍۢ ۝٢۸

لاسڙين ٻيرين ۾.

وَطَلْحٍۢ مَّنضُودٍۢ ۝٢۹

۽ ڀريل ڦردار ڪيوڙن ۾.

وَظِلٍّۢ مَّمْدُودٍۢ ۝۳۰

۽ ڊگھن پاڇن ۾.

وَمَآءٍۢ مَّسْكُوبٍۢ ۝۳١

۽ (ھيٺ) ڪرندڙ پاڻي ۾.

وَفَٰكِهَةٍۢ كَثِيرَةٍۢ ۝۳٢

۽ گھڻن ميون ۾.

لَّا مَقْطُوعَةٍۢ وَلَا مَمْنُوعَةٍۢ ۝۳۳

نڪي کُٽندا ۽ نڪي (کائن) جھلبا.

وَفُرُشٍۢ مَّرْفُوعَةٍ ۝۳٤

۽ اُچا وڇاڻا.

إِنَّآ أَنشَأْنَٰهُنَّ إِنشَآءًۭ ۝۳٥

بيشڪ اسان حورن کي ھڪ نموني تي پيدا ڪيو آھي.

فَجَعَلْنَٰهُنَّ أَبْكَارًا ۝۳٦

پوءِ کين ڪنواريون بڻايوسون.

عُرُبًا أَتْرَابًۭا ۝۳۷

مڙسن کي وڻندڙ ھڪ جيڏيون.

لِّأَصْحَٰبِ ٱلْيَمِينِ ۝۳۸

سڄي پاسي وارن لاءِ.

ثُلَّةٌۭ مِّنَ ٱلْأَوَّلِينَ ۝۳۹

گھڻي جماعت پھرين مان آھي.

وَثُلَّةٌۭ مِّنَ ٱلْءَاخِرِينَ ۝٤۰

۽ گھڻي جماعت پوين مان آھي.

وَأَصْحَٰبُ ٱلشِّمَالِ مَآ أَصْحَٰبُ ٱلشِّمَالِ ۝٤١

۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا بدحال ھوندا.

فِى سَمُومٍۢ وَحَمِيمٍۢ ۝٤٢

ڪوسي جھولي ۽ تَتي پاڻيءَ ۾ ھوندا.

وَظِلٍّۢ مِّن يَحْمُومٍۢ ۝٤۳

۽ ڪاري دونھين جي پاڇي ۾ ھوندا.

لَّا بَارِدٍۢ وَلَا كَرِيمٍ ۝٤٤

جو نڪي ٿڌو ھوندو ۽ نڪي سھائيندڙ.

إِنَّهُمْ كَانُوا۟ قَبْلَ ذَٰلِكَ مُتْرَفِينَ ۝٤٥

بيشڪ اُھي ھن کان اڳ (دُنيا ۾) سُک ۾ پيل ھوا.

وَكَانُوا۟ يُصِرُّونَ عَلَى ٱلْحِنثِ ٱلْعَظِيمِ ۝٤٦

۽ وڏي گناھ (شرڪ) تي ضد ڪندا ھوا.

وَكَانُوا۟ يَقُولُونَ أَئِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًۭا وَعِظَٰمًا أَءِنَّا لَمَبْعُوثُونَ ۝٤۷

۽ چوندا ھوا ته، جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (قبرن مان) اُٿاريا وينداسون ڇا؟

أَوَءَابَآؤُنَا ٱلْأَوَّلُونَ ۝٤۸

يا اسان جا پھريان پيءُ ڏاڏا.

قُلْ إِنَّ ٱلْأَوَّلِينَ وَٱلْءَاخِرِينَ ۝٤۹

(اي پيغمبر) چؤ ته بيشڪ اڳيان ۽ پويان.

لَمَجْمُوعُونَ إِلَىٰ مِيقَٰتِ يَوْمٍۢ مَّعْلُومٍۢ ۝٥۰

ھڪ مقرّر ڪيل ڏينھن جي وقت تي ضرور گڏ ڪيا ويندا.

ثُمَّ إِنَّكُمْ أَيُّهَا ٱلضَّآلُّونَ ٱلْمُكَذِّبُونَ ۝٥١

وري بيشڪ اوھين اي گمراھو ڪوڙ ڀائيندڙؤ.

لَءَاكِلُونَ مِن شَجَرٍۢ مِّن زَقُّومٍۢ ۝٥٢

ضرور اوھين ٿوھر جي وڻ مان کائيندؤ.

فَمَالِـُٔونَ مِنْهَا ٱلْبُطُونَ ۝٥۳

پوءِ منجھانئس پيٽن کي ڀريندؤ.

فَشَٰرِبُونَ عَلَيْهِ مِنَ ٱلْحَمِيمِ ۝٥٤

پوءِ مٿانئس تَتل پاڻيءَ مان پيئندؤ.

فَشَٰرِبُونَ شُرْبَ ٱلْهِيمِ ۝٥٥

پوءِ اُڃايل اُٺن جي پيئڻ وانگر پيئندؤ.

هَٰذَا نُزُلُهُمْ يَوْمَ ٱلدِّينِ ۝٥٦

قيامت جي ڏينھن اِھا سندن مھماني آھي.

نَحْنُ خَلَقْنَٰكُمْ فَلَوْلَا تُصَدِّقُونَ ۝٥۷

اسان اوھان کي پيدا ڪيو پوءِ (وري جيارڻ کي) ڇونه سچ ڀائيندا آھيو.

أَفَرَءَيْتُم مَّا تُمْنُونَ ۝٥۸

ڀلا ڏسو ته سھي ته جيڪا مني وجھندا آھيو.

ءَأَنتُمْ تَخْلُقُونَهُۥٓ أَمْ نَحْنُ ٱلْخَٰلِقُونَ ۝٥۹

تنھن مان اوھين خلقيو ٿا ڇا؟ يا اسين خلقڻ وارا آھيون؟

نَحْنُ قَدَّرْنَا بَيْنَكُمُ ٱلْمَوْتَ وَمَا نَحْنُ بِمَسْبُوقِينَ ۝٦۰

اسان اوھان ۾ موت مقرّر ڪيو آھي ۽ اسين عاجز نه آھيون.

عَلَىٰٓ أَن نُّبَدِّلَ أَمْثَٰلَكُمْ وَنُنشِئَكُمْ فِى مَا لَا تَعْلَمُونَ ۝٦١

ته اوھان جھڙن کي مٽائي پيدا ڪريون ۽ اوھان کي اھڙي (شڪل) ۾ پيدا ڪريون جنھن کي ڄاڻندا ئي ئي نه ھجو.

وَلَقَدْ عَلِمْتُمُ ٱلنَّشْأَةَ ٱلْأُولَىٰ فَلَوْلَا تَذَكَّرُونَ ۝٦٢

۽ بيشڪ پھرين پيدائش ڄاڻي چڪؤ پوءِ ڇونه ٿا نصيحت وٺو؟

أَفَرَءَيْتُم مَّا تَحْرُثُونَ ۝٦۳

ڏسو ته سھي جيڪي اوھين پوکيندا آھيو.

ءَأَنتُمْ تَزْرَعُونَهُۥٓ أَمْ نَحْنُ ٱلزَّٰرِعُونَ ۝٦٤

سو اوھين ڄمائيندا آھيو ڇا يا اسين ڄمائيندا آھيون؟

لَوْ نَشَآءُ لَجَعَلْنَٰهُ حُطَٰمًۭا فَظَلْتُمْ تَفَكَّهُونَ ۝٦٥

جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي ناس ڪري ڇڏيون پوءِ اوھين حيرت ۾ رھجي وڃو.

إِنَّا لَمُغْرَمُونَ ۝٦٦

(۽ پيا چئو) ته بيشڪ اسين ٽوٽي ۾ پئجي وياسون.

بَلْ نَحْنُ مَحْرُومُونَ ۝٦۷

بلڪ اسين بي نصيب آھيون.

أَفَرَءَيْتُمُ ٱلْمَآءَ ٱلَّذِى تَشْرَبُونَ ۝٦۸

ڀلا ڏسو ته سھي جيڪو پاڻي پيئندا آھيو.

ءَأَنتُمْ أَنزَلْتُمُوهُ مِنَ ٱلْمُزْنِ أَمْ نَحْنُ ٱلْمُنزِلُونَ ۝٦۹

اُھو اوھين ڪڪرن مان ھيٺ لاھيندا آھيو ڇا يا اسين ھيٺ لاھيندا آھيون؟

لَوْ نَشَآءُ جَعَلْنَٰهُ أُجَاجًۭا فَلَوْلَا تَشْكُرُونَ ۝۷۰

جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي کارو ڪري ڇڏيون پوءِ ڇونه شڪرانو ڪندا آھيو؟

أَفَرَءَيْتُمُ ٱلنَّارَ ٱلَّتِى تُورُونَ ۝۷١

ڀلا ڏسو ته سھي ته جا باھ ٻاريندا آھيو.

ءَأَنتُمْ أَنشَأْتُمْ شَجَرَتَهَآ أَمْ نَحْنُ ٱلْمُنشِـُٔونَ ۝۷٢

تنھن جي وڻ کي اوھان پيدا ڪيو آھيو آھي ڇا؟ يا اسين پيدا ڪندڙ آھيون.

نَحْنُ جَعَلْنَٰهَا تَذْكِرَةًۭ وَمَتَٰعًۭا لِّلْمُقْوِينَ ۝۷۳

اسان اُن (وڻ) کي نصيحت وٺڻ لاءِ ۽ مسافرن جي فائدي لاءِ پيدا ڪيو آھي.

فَسَبِّحْ بِٱسْمِ رَبِّكَ ٱلْعَظِيمِ ۝۷٤

تنھنڪري پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائي سان ياد ڪر.

۞ فَلَآ أُقْسِمُ بِمَوَٰقِعِ ٱلنُّجُومِ ۝۷٥

پوءِ تارن جي ڪِرڻ جي جاءِ جو قسم کڻان ٿو.

وَإِنَّهُۥ لَقَسَمٌۭ لَّوْ تَعْلَمُونَ عَظِيمٌ ۝۷٦

۽ جيڪڏھن ڄاڻو ته بيشڪ اُھو قسم وڏو آھي.

إِنَّهُۥ لَقُرْءَانٌۭ كَرِيمٌۭ ۝۷۷

بيشڪ اھو سڳورو قرآن آھي.

فِى كِتَٰبٍۢ مَّكْنُونٍۢ ۝۷۸

لڪل ڪتاب ۾ لکيل آھي.

لَّا يَمَسُّهُۥٓ إِلَّا ٱلْمُطَهَّرُونَ ۝۷۹

پاڪائيءَ وارن کانسواءِ ٻيو ڪو اُن کي ھٿ نه لائيندو آھي.

تَنزِيلٌۭ مِّن رَّبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ ۝۸۰

جھانن جي پالڻھار وٽان نازل ڪيل آھي.

أَفَبِهَٰذَا ٱلْحَدِيثِ أَنتُم مُّدْهِنُونَ ۝۸١

پوءِ اوھين ھن ڳالھ (جي مڃڻ) ۾ سُستي ڪرڻ وارا آھيو ڇا.

وَتَجْعَلُونَ رِزْقَكُمْ أَنَّكُمْ تُكَذِّبُونَ ۝۸٢

۽ اُن کي ڪوڙ ڀانئين پنھنجو حصّو ڪريو ٿا.

فَلَوْلَآ إِذَا بَلَغَتِ ٱلْحُلْقُومَ ۝۸۳

پوءِ جنھن مھل (ڪنھنجو) ساھ نر گھٽ وٽ پھچي.

وَأَنتُمْ حِينَئِذٍۢ تَنظُرُونَ ۝۸٤

۽ اوھين انھيءَ مھل پيا ٿا ڏسو.

وَنَحْنُ أَقْرَبُ إِلَيْهِ مِنكُمْ وَلَٰكِن لَّا تُبْصِرُونَ ۝۸٥

۽ اسين اوھان جي به نسبت اُن ڏانھن تمام ويجھا آھيون پر اوھين نه ڏسندا آھيو.

فَلَوْلَآ إِن كُنتُمْ غَيْرَ مَدِينِينَ ۝۸٦

پوءِ جيڪڏھن (اوھين خدا جي حُڪم ۾) لاچار ٿيل نه آھيو.

تَرْجِعُونَهَآ إِن كُنتُمْ صَٰدِقِينَ ۝۸۷

ته جيڪڏھن سچا آھيو ته روح کي ڇو نه موٽايو.

فَأَمَّآ إِن كَانَ مِنَ ٱلْمُقَرَّبِينَ ۝۸۸

پوءِ جيڪڏھن (مئل الله جي) ويجھن ٻانھن مان ھوندو.

فَرَوْحٌۭ وَرَيْحَانٌۭ وَجَنَّتُ نَعِيمٍۢ ۝۸۹

ته اُن لاءِ خوشي ۽ سُرھاڻ ۽ نعمت وارو باغ آھي.

وَأَمَّآ إِن كَانَ مِنْ أَصْحَٰبِ ٱلْيَمِينِ ۝۹۰

۽ جيڪڏھن سڄي پاسي وارن مان ھوندو.

فَسَلَٰمٌۭ لَّكَ مِنْ أَصْحَٰبِ ٱلْيَمِينِ ۝۹١

ته سڄي پاسي وارن مان توکي سلامتي آھي.

وَأَمَّآ إِن كَانَ مِنَ ٱلْمُكَذِّبِينَ ٱلضَّآلِّينَ ۝۹٢

پر جيڪڏھن اُھو ڪُوڙ ڀانئيندڙن گمراھن مان ھوندو.

فَنُزُلٌۭ مِّنْ حَمِيمٍۢ ۝۹۳

ته (اُن لاءِ) تَتل پاڻي مھماني.

وَتَصْلِيَةُ جَحِيمٍ ۝۹٤

۽ دوزخ ۾ گھيڙڻ آھي.

إِنَّ هَٰذَا لَهُوَ حَقُّ ٱلْيَقِينِ ۝۹٥

بيشڪ ھي خبر پوري يقيني آھي.

فَسَبِّحْ بِٱسْمِ رَبِّكَ ٱلْعَظِيمِ ۝۹٦

تنھنڪري پنھنجي پالڻھار وڏي جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر.